تازه ترين

نوابشاهه ۾ نينگر گهر ٻاهران راند ڪندي کليل گٽر ۾ ڪرڻ سبب ٻڏي فوت

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نوابشاهه ۾ نينگر گهر ٻاهران راند ڪندي کليل گٽر ۾ ڪرڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو آهي.

تاج ڪالوني ۾ 8 ورهين جو محمد عثمان راجپوت گهر ٻاهران راند ڪندي کليل گٽر ۾ ڪِري پيو.

نينگر ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود گهر نه پهچڻ تي سندس والد ڳولا شروع ڪئي جنهن بعد نينگر جو لاش گٽر مان مليو.

8 ورهين جي محمد عثمان راجپوت جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

نينگر جي وارثن ۽ علائقي واسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن جي مبينا نااهلي سبب نينگر کليل گٽر ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي.

هنن چيو ته ڪروڙين رپين جي بجيٽ باوجود مين هول جو گٽر کليل هئڻ سبب نينگر ٻڏي فوت ٿي ويو آهي، اطلاع باوجود انتظاميا سميت ڪوبه لڙي ناهي آيو.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪوتاهي ڪندڙ انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري نينگر جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
10 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون