- Advertisement -
نوابشاھه جي عدالت چوٽياريون سانحي ڪيس ۾ نامزد 11 جوابدارن جي ڪچي ضمانت ۾ 3 مارچ تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چوٽياريون سانحي ڪيس ۾ نامزد 11 جوابدارن جي پڪي ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ نامزد جوابدار عطاءُ الله جوڻيجو، علي حسن جوڻيجو، سيف الله جوڻيجو، اڳوڻو ايس ايڇ او غلام محمد سهتو، جبار خاصخيلي، جانو لانڊر، بابو ڪيريو، عمران، جمن انڙ، عزيزالله ڪيريو ۽ محبوب جکرو عدالت ۾ پيش ٿيا.
ڪيس جي فريادي پاران جوابدارن تي هيسائڻ جون دانهون ڪيون ويون.
عدالت سمورن جوابدارن جي ڪچي ضمانت ۾ 3 مارچ تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
