- Advertisement -
نواب ولي محمد واسي 3 ڄڻا سعودي عرب کان ڪراچي پهچڻ بعدراسرار نموني گم ٿي ويا، جن مان 2 ڄڻا سهراب ڳوٺ جي علائقي مان بيهوشيءَ جي حالت ۾ هٿ آيا آهن، جڏهن ته هڪ جو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي.
نواب ولي محمد واسي سمون مري، خميسو ۽ طالب ڇٽو ڪاٺوڙ وڃڻ لاءِ ٽيڪسي ۾ ويٺا جيڪي منزل تي نه پهتا.
سمون مري ۽ طالب ڇٽو سهراب ڳوٺ مان بيهوشيءَ واري حالت ۾ هٿ آيا، جڏهن ته خميسو ڇٽو جو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي.
وارثن پاران اعليٰ اختيارين کان همراهه جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
