نواز شريف کي رائونڊ ۾ ويهي فوج جي نگراني بند ڪرڻ گهرجي : بئريسٽر سيف

- Advertisement -
خيبر پختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته نواز شريف کي رائونڊ ۾ ويهي فوج جي نگراني بند ڪرڻ گهرجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته نواز شريف آرمي چيف خلاف ن ليگ جي وزيرن جي فوج کي قطار ۾ بيهاري ڇڏيو آهي، کيس رائونڊ ۾ ويهي فوج جي نگراني بند ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته شهباز شريف فرينڊلي فائر جو نشانو بڻيل آهي، فوج ۽ خيبر پختونخوا هن وقت دهشتگردي خلاف پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن، جڏهن ته جعلي حڪومتي وزير فوجي قيادت کي تڪراري بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. بئريسٽر سيف چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف کي خبر آهي ته ملاقات ۾ ڇا ڳالهه ٻولهه ٿي ته پوءِ وزير غلط بيان ۽ وضاحتون ڇو ڏئي رهيا آهن؟ جعلي حڪومت جو ڌيان مهانگائي ۽ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ تي نه پر آرمي چيف جي ملاقاتن تي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
9.6 ° C
9.6 °
9.6 °
27%
2.2m/s
15%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون