- Advertisement -
بنگلاديش ۾ عبوري حڪومت قسم کڻي رهي آهي، نوبل انعام يافتا پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس اقليتن تي تشدد جي واقعن کي سازش قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته شاگردن ملڪ کي بچائي ورتو آهي، ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪري آزادي جي حفاظت ڪئي ويندي، بنگلاديش ۾ اقليتن تي حملا سازش آهن.
ڍاڪا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر محمد يونس چيو ته هاڻي کين ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪرڻو ۽ آزادي جي حفاظت ڪرڻي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڏيهه واپس پهچڻ تي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، سازش تحت بنگلاديش ۾ اقليتن تي حملا ڪيا ويا.
نوبل انعام يافتا پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس چيو ته بنگلاديش جو مستقبل نوجوانن سان لاڳاپيل آهي، ملڪ کي مالي ڏکيائين مان ڪڍڻو آهي.
ان کان اڳ ڊاڪٽر محمد يونس ڏيهه واپسي تي اکين مان لڙڪ لاڙي ويٺو هو……….- Advertisement -
