تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نيشنز ڪپ: پاڪستان ۽ فرانس جي دلچسپ سيمي فائنل جو فيصلو پنالٽي شوٽ آئوٽ تي….

- Advertisement -
نيشنز ڪپ: پاڪستان ۽ فرانس جي دلچسپ سيمي فائنل جو فيصلو پنالٽي شوٽ آئوٽ تي…… ڪوالالمپور: قومي هاڪي اسٽيڊيم، ڪوالالمپور ۾ جمعي ڏينهن کيڏيل FIH نيشنز ڪپ جي سنسني خيز سيمي فائنل ۾ پاڪستان ۽ فرانس جي ٽيمون 3-3 تي برابر رهيون، جنهن بعد ميچ جو فيصلو پينلٽي شوٽ آئوٽ ذريعي ڪيو ويو. هيءُ وڏو مقابلو وڏي ٽينشن سان شروع ٿيو، جتي ٻنهي ٽيمَن هڪٻئي کي شروعاتي گول کان روڪيو. پهريون ڪوارٽر گول کان سواءِ ختم ٿيو، جنهن دوران پاڪستان کي هڪ ۽ فرانس کي چار پينلٽي ڪارنر ملن. ٻئي ڪوارٽر ۾ فرانس آخرڪار پاڪستان جي دفاع کي چيريندي 25هين منٽ تي زاويئر ايسمينجود جي ميدان گول ذريعي برتري ماڻي. ٽئين ڪوارٽر جي شروعاتي چار منٽن ۾ ئي فرانس شارليٽ وڪٽر جي گول ذريعي برتري 0-2 تائين وڌائي. پر پوءِ آئي گرين شرٽس جي واپسي، جيڪا ڏسندڙن لاءِ حيران ڪندڙ ثابت ٿي. پاڪستان صرف پنجن منٽن اندر ٽي گول هڻي نه رڳو مقابلي ۾ واپسي ڪئي، پر ٽئين ڪوارٽر جي آخر تائين 2-3 جي برتري حاصل ڪري ورتي. افراز پاڪستان طرفان پهريون گول ڪيو، جيڪو رانا وحيد اشرف جي شاندار اسسٽ کانپوءِ ٿيو. ميچ ۾ هڪ اهم موڙ تڏهن آيو، جڏهن فرانس کي ملندڙ پينلٽي ڪارنر کي VAR ذريعي رد ڪيو ويو، ۽ فوراً پوءِ پاڪستان کي مخالف جي فاول سبب پينلٽي ڪارنر ملي وئي، جيڪا سفيان خان ڪاميابي سان گول ۾ تبديل ڪئي – اسڪو ر 2-2. موومينٽ کي جاري رکندي، محمد حمادالدين هڪ وڌيڪ گول ڪري پاڪستان کي 2-3 جي برتري ڏني، جيڪا ٽئين ڪوارٽر جي آخر تائين برقرار رهي. چوٿين ڪوارٽر ۾ پاڪستان جي رانديگرن مسلسل پاسنگ ذريعي فرانس کي برابري کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر صرف ٽي منٽ باقي هجڻ جي موقعي تي پاڪستاني ڊفينڊر جي فاول تي فرانس کي پينلٽي ڪارنر ملي، جيڪا شارليٽ وڪٽر ٻيهر گول ۾ تبديل ڪري مقابلو 3-3 تي آندو. ميچ جي 59هين منٽ ۾ پاڪستان کي هڪ آخري موقعو مليو جڏهن سفيان خان کي پينلٽي ڪارنر ملي، پر بدقسمتي سان هن جي شارٽ فرانس جي ڊفينڊر سان ٽڪرائجي وئي، ۽ پاڪستان جي کٽڻ جي اميد به ساڻس ئي ختم ٿي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
broken clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
46 %
3.7kmh
75 %
اڱارو
18 °
اربع
19 °
خميس
19 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
13 °

تازه ترين خبرون