امريڪا مصنوعي ذهانت جي ڊوڙ ۾ چين کي چين کي پوئتي ڇڏي ڏيندو: ڊونلڊ ٽرمپ

- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اَي آءِ سمٽ کي خطاب ڪندي چيو ته امريڪا مصنوعي ذهانت جي ڊوڙ ۾ چين کي چين کي پوئتي ڇڏي ڏيندو، امريڪا، اَي آءِ ٽيڪنالاجي ۾ چين جي هارائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ هو ڪاميابي حاصل ڪندا. پنهنجي خطاب ۾ صدر ٽرمپ عالمي اقتصادي، واپاري ۽ توانائي جي ميدان ۾ امريڪا جي ڪاميابين ۽ ايندڙ منصوبن جو تفصيلي ذڪر ڪيو جنهن ۾ مختلف ملڪن سان واپاري لاڳاپا، توانائي جي شعبي جي معاهدي ۽ امريڪي ٽيڪنالاجي جي ترقي جي حوالي سان اهم اعلان شامل هئا. صدر ٽرمپ چيو ته جاپان سان امريڪا 15 سيڪڙو واپاري ٽيرف تي معاهدو ڪيو آهي، جاپان ڳالهين ذريعي ان تي اتفاق ڪيو آهي ته هو واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو ۽ ٽيرف 15 سيڪڙو تي کڻي ايندا. ٽرمپ اهو به اعلان ڪيو ته هو مختلف ملڪن تي 15 کان 50 سيڪڙو تائين ٽيڪس لڳائيندا ته جيئن امريڪا جي اقتصادي پوزيشن مستحڪم ٿئي. ٽرمپ يورپي يونين سان به سنجيده ڳالهيون جاري رکڻ جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته امريڪا يورپي اتحادين سان فوجي ساز ۽ سامان جي خريداري جو معاهدو مڪمل ڪري چڪو آهي. ٽرمپ چيو ته چين سان معاهدي کي مڪمل ڪرڻ جي ويجهو هجڻ جي تصديق ڏني ۽ چيو ته چين سان معاهدو مڪمل ڪرڻ جي مرحلي ۾ آهن ۽ پنهنجي معيشت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ون ڪوششون ڪري رهيا آهن. امريڪي صدر ان ڳالهه جو به اشارو ڏنو ته امريڪا توانائي جي منڊي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، وٽن دنيا جا سڀ کان وڏا  توانائي جا ذخيرا موجود آهن ۽ هو ايشيائي ملڪن سان توانائي معاهدا ڪرڻ وڃڻ رهيا آهن، تيل جون قيمتون به هيٺ آڻڻ چاهي ٿو ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ استحڪام اچي سگھي. صدر ٽرمپ بائيڊ انتظاميا تي تنقيد ڪندي چيو ته گرين انرجي جي نالي تي امريڪا سان فراڊ ڪيو ، بائيڊن دور جي بيوقوفاڻي صدارتي حڪمنامي کي معطل ڪري رهيو آحي ته جيئن امريڪا جي معيشيت کي وڌيڪ نقصان نه پهچي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.1 ° C
27.1 °
27.1 °
34%
4.2m/s
1%
آچر
27 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون