تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وسيم اڪرم جو پنهنجي مجسمي تي ردعمل: “يقينن، منهنجو مجسمو چيتي کان ته بهتر آهي!

- Advertisement -
پاڪستان جي ليجنڊري فاسٽ بالر ۽ اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم پاران حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ لڳايل پنهنجي مجسمي بابت ردعمل سامهون اچي ويو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي وسيم اڪرم، پنهنجي مجسمي سان گڏ هڪ چيتي جي مجسمي جي تصوير شيئر ڪئي، جنهن تي هن لکيو يقينن، منهنجو مجسمو ته هن چيتي شينهن کان بهتر آهي! وسيم اڪرم وڌيڪ چيو ته نياز اسٽيڊيم ۾ لڳايل مجسمي بابت گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پر سندس جي خيال ۾ آئيڊيا جي اهميت وڌيڪ آهي “ اڳوڻي ڪپتان مجسمو ٺاهيندڙ جي ساراهه ڪندي چيو: ”ان ڪوشش تي منهنجي طرفان مجسمو ٺاهيندڙ ۽ ان سان لاڳاپيل هر ماڻهوءَ کي فُل مارڪس. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نياز اسٽيڊيم، حيدرآباد ۾ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم جو مجسمو لڳايو ويو هو، جنهن ۾ کيس 1999ع جي ورلڊڪپ واري جرسي پاتل آهي ۽ سندس ٽريڊ مارڪ بالنگ انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي. جيتوڻيڪ مجسمو سامهون اچڻ بعد شوقينن پاران سوشل ميڊيا تي ان مجسمي مٿان تنقيد ڪئي وئي، ۽ ميمز جي برسات شروع ٿي وئي. وسيم اڪرم، جنهن 1984ع کان 2003ع تائين پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، هن ٽيسٽ ميچن ۾ 414 ۽ ون ڊي ميچن ۾ 502 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن، اڄ به ڪرڪيٽ دنيا ۾ پنهنجي سوئنگ ۽ انداز جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو.   https://www.facebook.com/SindhTvNews/videos/1414391376358371
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
31 %
2.1kmh
0 %
خميس
22 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون