تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نيشنل ڪرائم رڪارڊ بيورو جي سالياني رپورٽ مودي سرڪار جي جمهوريت جي دعويٰ جي پت وائکي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڀارت جي انتهاپسند مودي حڪومت جي دور ۾ هيٺين ذات جي هندن جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي، سندن خلاف نفرت انگيز ڏوهن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي.

نيشنل ڪرائم رڪارڊ بيورو جي سالياني رپورٽ مودي سرڪار جي جمهوريت جي دعويٰ جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب 2021ع ۾ دلت هندن خلاف 60 هزار کان وڌيڪ ڏوهن جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن.

گذريل 5 سالن ۾ هيٺئين ذات جي هندن خلاف اڍائي لک کان وڌيڪ نفرت جا واقعا سامهون آيا آهن.

رپورٽ موجب، بي جي پي جي حڪمراني واري رياست اتر پرديش 13 هزار ڏوهن سان لسٽ ۾ سڀ کان مٿانهي آهي، جتي هر ڏهن منٽن ۾ دلتن خلاف تشدد جو واقعو ٿيندو آهي، اٽڪل 90 سيڪڙو غريب ۽ 95 سيڪڙو اڻ پڙهيل هندو هيٺين ذات سان تعلق رکندڙ آهن.

رپورٽ موجب ڀارتي عدالتن ۾ هيٺين ذات جي هندن خلاف ڏوهن جا 71 هزار کان وڌيڪ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن .

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته  هيٺين ذات جي هندن جي خلاف ڏوهن جي سزا جي شرح 15 سيڪڙو کان گهٽ آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب مودي حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ دلت هندن خلاف ڏوهن ۾ 66 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اٽڪل 45 سيڪڙو هندو ٻين مذهبن يا هيٺين ذات وارن هندن کي پاڙيسري طور قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

تامل ناڊو رياست ۾ 2018 ۾، ٻن دلت هندن کي وڏي ذات جي هندن جي سامهون ٽنگ ، ٽنگ مٿان رکي ويهڻ جي ڪري قتل ڪيو ويو هو.

مارچ 2000ع ۾ ڪرناٽڪ ۾ انتها پسندن، هڪ دلت خاندان جي 7 ڄڻن کي زنده ساڙي ڇڏيو هو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
30 %
3.6kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون