- Advertisement -
نگران حڪومت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي سڌيءَ ريت وزيراعظم آفيس جي ماتحت ڪري ڇڏيو آهي.
نگران حڪومت پي سي بي بابت وڏو فيصلو ڪندي ڪرڪيٽ بورڊ جا معاملا بين الصوبائي رابطن واري وزارت کان واپس وٺي سنڌيءَ ريت وزيراعظم آفيس حوالي ڪيا.
پي سي بي جا معاملا بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي ڪنٽرول مان ڪڍي ڪابينا ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هاڻي سڌيءَ ريت وزيراعظم آفيس جي ماتحت ڪم ڪندو ۽ ڪنهن به وزارت آڏو جوابده نه هوندو.
ان قدم بعد آءِ پي سي جو سيڪريٽري به بورڊ آف گورنرز جو ميمبر نه رهندو- Advertisement -
