نگران وزيراعظم ازبڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي تاشقند لاءِ اڄ روانو ٿيندو

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ازبڪستان ۽ سعودي عرب جي دوري بابت اهم پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ وزيراعظم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندو. ذريعن موجب، نگران وزيراعظم پريس ڪانفرنس ۾ وچ اوڀر جي صورتحال سميت ملڪي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهائيندو. ٻئي پاسي پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سڀاڻي روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، تاشقند ۾ ٻه ڏينهن واري سربراهي ڪانفرنس 8 کان 9 نومبر تائين جاري رهندي جتي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ساي سي او جي ويزن 2025 جي لاءِ پاڪستان جو عزم ورجائيندو. ٻئي پاسي غزه جي صورتحال تي او آءِ سي جو هنگامي اجلاس 12 نومبر تي رياض ۾ ٿيندو. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو جنهن  ۾ اسرائيلي حارحيت ۽ امداد جي فراهمي تي غور ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
18%
2.1m/s
0%
ڇنڇر
28 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون