تازه ترين

نگران وزيراعظم انوار الحق سرڪاري دوري تي چين پهچي ويو

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق سرڪاري دوري تي چين پهچي ويو آهي. انوار الحق ڪاڪڙ چين جي دوري تي بيجنگ هوائي اڏي تي پهتو ته چيني سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير  ۽ پاڪستاني سفير توڙي سفارتي عملي سندس آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم، چيني صدر شي جن پنگ جي دعوت تي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت لاءِ بيجنگ پهتو آهي، جڏهن ته ڪنيڪٽوٽي  ان اوپن گلوبل اڪانومي ۾ شرڪت خطاب ڪندو. انوار الحق ڪاڪڙ چيني صدر شي جن پنگ سميت مختلف شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن دوران پاڪ چين لاڳاپن خاص طور واپاري ۽ اقتصادي  سهڪار تي به ڳالهيون ڪيون وينديون. نگران وزيراعظم چيني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
28 %
2.2kmh
54 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون