نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي پنجن ڏينهن جي دوري تي آمريڪا لاءِ روانو ٿي ويو آهي.
نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78هين اجلاس کي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ خطاب ڪندو.
نگران وزيراعظم نيو يارڪ ۾ جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت سان گڏ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جنرل اسيمبلي جي اجلاس کانسواءِ موسمياتي تبديلي ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيندو.
نگران وزيراعظم آمريڪا جي ناليواري ٿنڪ ٽينڪس جو به دورو ڪندو.
