تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

شهباز شريف ۽ راجا رياض وچ ۾ صلاح مشورن جو ٻيو دور اڄ ٿيندو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران وزيراعظم جي نالي تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض اڄ ٻيهر مشاورت ڪندا.

وزيراعظم شهباز شريف مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض کي خط لکي مشاورت جي دعوت ڏني هئي جنهن کانپوءِ هو وزيراعظم سان ملڻ لاءِ پهتو، ٻنهي هڪٻئي آڏو ٽي ٽي نالا رکيا ۽ مشاورت ڪئي.

پاڪستان پيپلز پارٽي نگران وزيراعظم لاءِ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني ۽ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان تصدق حسين جيلاني جا نالا تجويز ڪيا آهن جڏهن ته ٻين نالن ۾ صادق سنجراڻي، حفيظ شيخ، ميان محمد سومرو، فواد حسن فواد شامل آهن.

اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ نگران وزيراعظم جي نالي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ 3 ڏينهن جو وقت آهي، جيڪڏهن ٽن ڏينهن ۾ نالو فائنل نه ٿيو ته معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن ويندو.

واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف نگران وزيراعظم جي معاملي تي مشاورت لاءِ لنڊن ۾ ن ليگ قائد نواز شريف سان به رابطو ڪيو آهي.

شهباز شريف، نواز شريف کي ٽيلفونڪ رابطي ۾ قائد ن ليگ کي نگران وزيراعظم جي معاملي تي مخالف ڌر اڳواڻ سان ٿيل مشاورت تي بريفنگ ڏني.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
11 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
13 %
1.2kmh
98 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون