- Advertisement -
نگران وفاقي سرڪار ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ڊيزل مهانگو ڪر ڇڏيو جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ موجب، ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽرول جي اگهه ۾ 2 رپيا 73 پيسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 8 رپيا 37 پيسا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي.
ناڻي واري زارت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي نئين قميت 275 رپيا 62 ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 287 رپيا 33 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، پيٽروليم شين جا نوان اگهه رات 16 فيبروري کان 29 فيبروري تائين لاڳو هوندا.- Advertisement -
