- Advertisement -
ن ليگ جو قائد محمد نواز شريف ۽ وزيراعلى پنجاب مريم نواز جو برطانيا جو دورو شيڊيول ٿي ويو.، نواز شريف جمعي تي گڏيل عرب امارات ، برطانيه، امريڪا ۽ يورپ جي دوري تي روانو ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جمعي جي ڏنهن لاهور کان روانو ٿيندو ۽ هو هڪ رات دبئي ۾ ترسندو.
ذريعن موجب نواز شريف ڇنڇر ڏينهن لنڊن پهچندو، 2 ڏينهن جي دوري کانپوءِ اڱاري تي آمريڪا روانو ٿيندو.
نواز شريف آمريڪا ۾ 4 ڏينهن جي دوري کانپوءِ لنڊن واپس پهچندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعلى پنجاب مريم نواز نومبر جي پهرين هفتي ۾ لنڊن پهچندي.
نواز شريف ۽ مريم نواز گڏجي يورپ جو دورو ڪندا.- Advertisement -
