ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڳالهين لاءِ ٺاهيل ڪميٽين ۾ صلاح مشورو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي : نديم افضل چن

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ ۽ ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر نديم افضل چن چيو آهي ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڳالهين لاءِ ٺاهيل ڪميٽين ۾ صلاح مشورو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام راڄڌاني ٽائيم ۾ ڳالهائيندي نديم افضل چن چيو ته اڄ صورتحال واضح ٿي ويندي، انشاءُ الله اڄ ڪميٽين جي فيصلن جو اعلان ڪيو ويندو، سفارشن بابت في الحال ڪجهه نه ٿو ٻڌائي سگهجي . هن وڌيڪ چيو ته ن ليگ جي ڪميٽي سان ماضي جي حوالي سان سخت شڪايتون هيون، ن ليگ کي ٻڌايو آهي ته ماضي جو تجربو سٺو نه رهيو آهي. پ پ اڳواڻ نديم افضل چن چيو ته پنجاب ۾ پ پ ڪارڪنن ۽ اميدوارن کي ن ليگ اسپيس نه پئي ڏئي، ان معاملي تي به شڪايت ڪئي. سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي رڳو آئيني عهدا گهريا آهن ۽ ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه گهريو آهي، معاشي سڌارا، لوڪل گورنمينٽ جي معاملي ۽ نجڪاري سميت ٻين معاملن تي ن ليگ سان ڳالهيون ڪيون آهن. پ پ اڳواڻ نديم افضل چن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي مولانا فضل الرحمان سان به رابطي ۾ آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن نااهل آهي جنهن تڪراري ڪردار ادا ڪيو، سياسي اتحاد ٺهندا رهندا آهن . سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان ۽ تحريڪ انصاف پاران اتحاد ڪرڻ تي پاڻ ئي پنهنجي ڪارڪنن کي جواب ڏيندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون