- Advertisement -
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هر سياسي پارٽي پنهنجا واعدا ڪري رهي آهي، پر مسئلن جو حل رڳو پيپلزپارٽيءَ ڏنو آهي، اقتدار ۾ اچي بلاول 10 نقاطي ايجنڊا تي عمل ڪرائيندو.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ملڪي معيشت جي بحالي پهرين ترجيح آهي، ايف بي آر کي سڌاريو ويندو.
هن چيو ته ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون اڃا تائين منشور سوچي رهيون آهن، پ پ ٻڌائي ڇڏيو ته اقتدار ۾ اچي هو ڇا ڪندا؟
مرتضيٰ وهاب چيو ته ملڪي مسئلن جو حل رڳو پيپلزپارٽيءَ وٽ آهي، بلاول واعدو ڪيو ته اقتدار ۾ اچي پگهارون ٻيڻيون ڪيون وينديون، غريبن ۾ 300 يونٽ بجلي مفت ڏني ويندي، هارين، نوجوانن ۽ غريبن لاءِ ڪارڊ جاري ڪري سندن مدد ڪئي ويندي.
ڪراچيءَ جي ميئر چيوته بلاول جو خواب آهي ته عوام کي پنهنجا گهر ملندا، پ پ اقتدار ۾ آئي ته اٽي، لٽي ۽ اجهي واري نعري تي عمل ٿيندو………- Advertisement -
