تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ جي باني جا لاهور ۽ ميانوالي جي قومي تڪن تي نامزدگي فارم رد

- Advertisement -
پي ٽي آءِ جي باني جا لاهور ۽ ميانوالي جي قومي تڪن تي نامزدگي فارم رد ٿي ويا، جڏهن ته شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري، حماد اظهر، اسد قيصر، ياسمين راشد، فهميده مرزا، سردار اختر مينگل، قاسم سوري، اعظم سواتي ۽ ٻين جا نامزدگي ڪاغذ ٿي ويا آهن. 8 فيبروري تي رٿيل عام چونڊن جو ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ وارو مرحلو به مڪمل ٿي ويو، پي ٽي آءِ باني سميت ڪيترن ئي اهم اڳواڻن جا نامزدگي فارم رد ٿي ويا آهن. لاهور جي رٽرننگ آفيسر اين ايَ 122 تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو. اين اي 122 تي پي ٽي آءِ باني جي نامزدگي ڪاغذن تي ن ليگ اڳواڻ ميان نصير اعتراض واريا هئا. اعتراضن ۾ چيو ويو هو ته پي ٽي آءِ باني جي تجويز ۽ تاعيد ڪندڙ اين ايَ 122 جا ناهن، پي ٽي آءِ باني توشا خانا ڪيس ۾ نااهل آهي. رٽرننگ آفسير اعتراض منظور ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا. اين اي 89 ميانوالي تي به پي ٽي آءِ بانيءَ جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن. پي ٽي آءِ جي اڳوڻي وائس چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملتان جي اين اي 151۽ ٿرپارڪر جي قومي تڪ اين اي 214 تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن. شاهه محمود قريشي جي پٽ زين قريشي ۽  نياڻي مهربانو جا به ٿرپارڪر جي قومي تي 214 تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ  قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. اين اي 130 تي پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد جا نامزدگي ڪاغذ به رد ٿي ويا آهن. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جا نامزدگي فارم به رد ٿي ويا. بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل جا به اين اي 264 ۽ صوبائي تڪ پي بي 20  تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن. رٽرننگ آفيسر موجب سردار اختر مينگل وٽ اقامو آهي، جنهن ڪري ٻنهي تڪن تي سندس نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن. بدين جي قومي تڪ اين ايَ 223 تي جي ڊي ايَ اميدوار فهميده مرزا، سندس مڙس ذوالفقار مرزا ۽ پٽ حسام مرزا جا به فارم رد ڪيا ويا. اين اي 15 مانسره تي پي ٽي آءِ جي اعظم سواتي ۽ اين اي 50 اٽڪ تي ذلفي بخاريءَ جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اين اي 129 تي حماد اظهر ۽ محمد علي خان جا اين اي 23 تي نامزدگي فارم رد ڪيا ويا. اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌريءَ ۽ سندس گهرواري حبا فواد جا نامزدگي فارم به رد ٿي ويا آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 121 تي مسرت جشميد ۽ سندس مڙس اقبال چيما جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
8 %
6.3kmh
60 %
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون