تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

هندو برادري سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ مظاهرا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪندڙ ڪشمور جي هندو برادري سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ احتجاجي ريليون  ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

ڊکڻ ۾ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪندڙ ڪشمور جي هندو برادري سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ شھرين نوجوان اتحاد، جي يو آءِ، ايم ڊبليو ايم، جسقم ۽ ٻين پاران پرديپ ڪمار، اسلم لاشاري، سلمان سومري، ربنواز منگي، مولانا ثناءُ الله چانڊئي ۽ مستنصر مهدي جي اڳواڻيءَ ۾ شاهي بازار کان شڪارپور رتوديرو انڊس هاءِ وي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

وارهه ۾ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪندڙ ڪشمور جي هندو برادري سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ سماجي اڳواڻ نياز حيدري، عارف تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

دوڙ ۾ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪندڙ ڪشمور جي هندو برادري سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ سياسي سماجي ۽ قومپرست پارٽين طرفان ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي، بادل بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور سميت صوبي مان اغوا ٿيلن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

هنن چيو ته ڪشمور مان اغوا ٿيلن جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪندڙ هندو برادري سان ٻڌي طور احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪشمور سميت ٻين علائقن مان اغوا ٿيل سمورن ماڻهن کي بازياب ڪرائي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي………

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
55 %
4.7kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون