هو مسجهي ٿو ته راولپنڊي جي ڪمشنر جو طبي معائنو ٿيو هوندو: حنيف عباسي

- Advertisement -
ن ليگ اڳواڻ ۽ اين اي 56 تان ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوار حنيف عباسي چيو آهي ته هو مسجهي ٿو ته راولپنڊي جي ڪمشنر جو طبي معائنو ٿيو هوندو، هن رٽائرمينٽ کان اڳ هيرو  بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حنيف عباسي چيو ته ڪمشنر جي ڳالهين بعد رد عمل ضروري آهي، ڪمشنر جو چونڊون ۾ قانوني طور ڪو به ڪردار ناهي، هن چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر  ٻنهي تي الزام مڙهيا. هن چيو ته هو ڪمشنر راولپنڊي وٽ رات هو، سندس ڪاميابيءَ جي نوٽيفڪيشن تي هن کيس ماشاءَ الله چيو. حنيف عباسي چيو ته راولپنڊي جي ڪشمنر سمورن ڪامياب اميدوارن کي واڌايون ڏنيون، ڪمشنر نه ڊي آر او نه ئي آر او آهي، آئيني ۽ قانوني طور چونڊن سان سندس ڪو تعلق ناهي، ڏهن ڏينهن کانپوءِ ڪمشنر جو ضمير ڪيئن جاڳيو؟ ن ليگ اڳواڻ چيو ته 2013ع ۽ 2018ع ۾ به ن ليگ کان مينڊيٽ کسيو ويو، هاڻي هو ائين ڪرڻ نه ڏيندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
35%
2.9m/s
34%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون