تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

هٿياربندن فوجن جي جرئت ۽ قربانيون قوم لاءِ فخر توڙي حوصلو آهن : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هٿياربندن فوجن جي جرئت ۽ قربانيون قوم لاءِ فخر توڙي حوصلو آهن، عوام ۽ فوج وچ ۾ ٻڌي ئي کين ناقابل تسخير بڻائي ٿي، قوم گڏجي ملڪ جي خوشحالي ۽ دفاع لاءِ ڪم جاري رکي. بچاءَ واري ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ملڪ جي بچاءِ لاءِ پنهنجون جانيون نڇاور ڪندڙ بهادر جوانن کي سلام پيش ڪن ٿا، اڄوڪو ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر حب الوطني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا کين گڏ ڪري ٿي. سندس چوڻ هو ته سندن هٿياربند فوجن هميشه چئلينجن جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي، پاڪ فوج سرحدن جي حفاظت ۽ خودمختاري کي برقرار رکيو آهي، شهيدن ۽ غازين جون قربانيون قوم جي دلين ۾ نفش آهن. پ پ چيئرمين چيو ته هو بچاءَ واري ڏهاڙي تي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي به ڀيٽا پيش ڪن ٿا جنهن ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ملڪ جي دفاعي صلاحيتن کي يقيني بڻايو، دفاعي ٽيڪنالاجي ۾ ترقي لاءِ بيلسٽڪ ميزائل ٽيڪنالاجي جو تحفو شهيد راڻي بينظير ڀٽو ڏنو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي دور انديشي اڄ به ملڪ جي خودمختاري جي حفاظت ڪري رهي آهي، هو هٿياربند فوج ۽ سندن خاندانن جي ڀلائي لاءِ عزم جو ورجاءَ ڪن ٿا، سڀ گڏجي قومي اتحاد، ملڪ جي دفاع ۽ ترقي لاءِ مسلسل محنت ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
16 %
5.4kmh
0 %
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون