- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هٿياربندن فوجن جي جرئت ۽ قربانيون قوم لاءِ فخر توڙي حوصلو آهن، عوام ۽ فوج وچ ۾ ٻڌي ئي کين ناقابل تسخير بڻائي ٿي، قوم گڏجي ملڪ جي خوشحالي ۽ دفاع لاءِ ڪم جاري رکي.
بچاءَ واري ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ملڪ جي بچاءِ لاءِ پنهنجون جانيون نڇاور ڪندڙ بهادر جوانن کي سلام پيش ڪن ٿا، اڄوڪو ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر حب الوطني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا کين گڏ ڪري ٿي.
سندس چوڻ هو ته سندن هٿياربند فوجن هميشه چئلينجن جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي، پاڪ فوج سرحدن جي حفاظت ۽ خودمختاري کي برقرار رکيو آهي، شهيدن ۽ غازين جون قربانيون قوم جي دلين ۾ نفش آهن.
پ پ چيئرمين چيو ته هو بچاءَ واري ڏهاڙي تي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي به ڀيٽا پيش ڪن ٿا جنهن ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ملڪ جي دفاعي صلاحيتن کي يقيني بڻايو، دفاعي ٽيڪنالاجي ۾ ترقي لاءِ بيلسٽڪ ميزائل ٽيڪنالاجي جو تحفو شهيد راڻي بينظير ڀٽو ڏنو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي دور انديشي اڄ به ملڪ جي خودمختاري جي حفاظت ڪري رهي آهي، هو هٿياربند فوج ۽ سندن خاندانن جي ڀلائي لاءِ عزم جو ورجاءَ ڪن ٿا، سڀ گڏجي قومي اتحاد، ملڪ جي دفاع ۽ ترقي لاءِ مسلسل محنت ڪندا.- Advertisement -
