هٿياربند فوج ملڪ جي بچاءَ لاءِ هر وقت تيار آهي: صدر آصف علي زرداري

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هٿياربند فوج ملڪ جي بچاءَ لاءِ هر وقت تيار آهي، پاڪستان جي سلامتي پنهنجي جان کان وڌيڪ عزيز رکندا، پاڪستان اڄ دفاعي اعتبار سان هڪ مضبوط ملڪ آهي، دنيا امن ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪردار ۽ قربانين کي مڃي ٿي، هن وقت ملڪ معاشي، سماجي ۽ سياسي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، وڌندڙ آبادي، بيروزگاري ۽ غربت وڏا چئلينجز آهن. اسلام آباد ۾ پاڪستان جي ڏهاڙي تي پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري وزيراعظم، هٿياربند فوج جي سربراهن کي سلام ۽ قوم کي پاڪستان جي ڏهاڙي جي مبارڪ ڏيندي چيو ته هو وچن ڪن ٿا ته ملڪ جي ترقي، سلامتي ۽ امن کي پنهنجي جان کان وڌيڪ عزيز رکندا، اڄوڪو ڏينهن سندن لاءِ قومي اهميت جو حامل آهي. سندس چوڻ هو ته اڄوڪي ڏنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن هڪ ڌار وطن جو مطالبو ڪيو، قائداعظم جي قيادت ۾ ستن ورهين بعد هڪ آزاد ۽ خودمختار رياست قائم ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني قوم پاڪستان ٺهڻ کان هن وقت تائين مختلف لاهن ۽ چاڙهن مان گذري آهي، پاڪستان اڄ دفاعي اعتبار سان هڪ مضبوط ملڪ آهي. هن چيو ته هنن تمام گهڻي ڏکيائين باوجود دفاعي، صنعتي، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪيون، دنيا امن ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪردار ۽ قربانين کي مڃي ٿي. صدر آصف علي زرداري چيو ته نوجوان پنهنجي صلاحيتن جو استعمال ڪندي ملڪ جي ترقي ۽ مستقبل جا امين آهن، ملڪ جو عوام محنتي ۽ ذهني طور تي بهترين آهي. سندن چوڻ هو ته هن وقت ملڪ کي مختلف معاشي، سماجي ۽ سياسي چئلينجز آڏو آهن، وڌندڙ آبادي، بيروزگاري ۽ غربت وڏا چئلينجز آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته خوشي آهي ته پاڪستان ۾ چونڊ عمل بعد جمهوري حڪومت قائم ٿي چڪي آهي، سڀني جي ذميواري آهي ته سمورين ڏکيائين کي گڏجي حل ڪن، ماضي ۾ به ڏکيائين جو مقابلو ڪيو، اهڙي طرح اڄ به پاڪستان جي چئلينجز مان ڪڍي سگهن ٿا. آصف علي زرداري سمورين سياسي پارٽين کي اپيل ڪندي چيو ته مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪريو، پاڪستان کي ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ چين، سعودي عرب، يو اي اي، ترڪيه ۽ دوست ملڪن جا ٿورائتا آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته ايس آءِ ايف سي عمل ۾ آندي وئي آهي، انساني وسلين جي ترقي، هنرمندي، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صنعتي ترقي، توانائي ۽ گڊ گورننس تي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو، قوم مايوس نه ٿئي، هو پاڪستان کي معاشي طور مضبوط ۽ خود ڪفيل بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن. سندس چوڻ هو ته کين قومي اتفاق راءِ سان هاڪاري حڪمت عملي، دانشمنداڻي نظام، صوبن ۽ وفاق وچ ۾ بهتر رابطن جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته غزا ۾ جاري تشدد ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي تي ڳڻتي آهي، عالمي برادري غزا ۾  فوري جنگ بندي ڪرائي ۽ اسرائيل جي ظالماڻي قدمن کي روڪي. هن چيو ته هو ڪشميري عوام کي يقين ڏيارن ٿا ته پاڪستان حق خوداراديت جي جائز جدوجهد ۾ هميشه ساڻن گڏ بيٺل رهندو، گڏيل قومون والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ جو نوٽيس وٺن، هو ڀارت جي سمورن غيرقانوني قدمن جي مذمت ڪن ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته آرٽيڪل 370 کي رد ڪرڻ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ابتڙ ۽ ڪشميرين کان سڃاڻپ کسڻ جي ڪوشش آهي، غيرقانوني ڀارتي قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جو عوام 77 ورهين کان پنهنجو حق گهري رهيو آهي، خطي ۾ عدم استحڪام جو وڏو سبب والاريل ڪشمير تي ڀارت جو غيرقانوني قبضو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.9 ° C
16.9 °
16.9 °
46%
1m/s
1%
ڇنڇر
26 °
آچر
26 °
سُومر
28 °
اڱارو
27 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون