تازه ترين

هڪ ڏينهن 89 کرب رپيا ڪمائي دنيا جو امير ترين بڻجندڙ شخص.

هڪ ڏينهن 89 کرب رپيا ڪمائي دنيا جو امير ترين بڻجندڙ شخص…!

گذريل ڪجهه هفتن جي دوران برنارڊ آرنلٽ ۽ جيف بيروز جي وچ ۾ دنيا جي امير ترين  شخص بڻجڻ جي ڊوڙ ڏسڻ ۾ آئي.

ڪيترائي ڀيرا بيروز دنيا جو امير ترين شخص بڻيو، جڏهن ته برنارڊ آرنلٽ کيس پوئتي ڌڪي پاڻ امير ترين شخص بڻجڻ جو اعزاز ماڻيو.

پر هاڻي لڳي ٿو ته مهانگيون شيون ٺاهيندڙ ڪمپني ايل وي ايم ايڇ جي مالڪ برنارڊ آرنلٽ دنيا جي امير ترين شخص جي حيثيت سان پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ورتي آهي، 22 مارچ تي سندس دولت ۾ 32.3 ارب ڊالرز جو وڏو اضافو ٿيو.

بلومبرگ بلين ايئر انڊيڪس جي موجب برنارڊ آرنلٽ جي دولت ۾ هڪ ڏينهن ۾ 89 کرب رپين کان وڌيڪ واڌ ٿي آهي ۽ هو هاڻي 230 ارب ڊالرز سان دنيا جو امير ترين شخص آهي.

ان کان اڳ 21 مارڇ تي ايمازون جي باني جيف بيروز برنارڊ آرنلٽ کي پوئتي ڌڪيندي اعزاز پنهنجي نالي ڪيو هو، هاڻي هو 202 ارب ڊالرز سان گڏ ٻئي نمبر تي موجود آهي .

گهڻي عرصي تائين دنيا جي امير ترين شخص رهڻ جو اعزاز ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جو مالڪ ايلون مسڪ هن وقت 185 ارب ڊالرز سان گڏ ٽئين نمبر تي موجود آهي.

هاڻي لڳي ٿو ته دنيان جي ٽئين نمبر امير شخص جو اعزاز جلد ميٽا جي چيف ايگزيڪيوٽو مارڪ زڪربرگ جي نالي ٿي ويندو، سندس ڪل ملڪيت 181 ارب ڊالر آهن ۽ هن وقت چوٿين نمبر تي موجود آهي .

مائيڪرو سافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس 154 ارب ڊالرز سان دنيا جو پنجون امير ترين شخص آهي …..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
15.5 ° C
15.5 °
15.5 °
45 %
0.7kmh
14 %
آچر
22 °
سُومر
20 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
25 °

تازه ترين خبرون