- Advertisement -
وارهه ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو، هٿياربند شهري کان موٽرسائيڪل ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
وارهه ٿاڻي ڀرسان ڏوهاري شهري محمد بخش بروهي کان هٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
متاثر جو چوڻ آهي ته پوليس جي نااهلي سبب شهر ۾ چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن، ڪو به شهري محفوظ ناهي رهيو.
هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ موبائيل فون واپس ڪرائي وڃي………- Advertisement -
