- Advertisement -
والاريل فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس غزه جنگ معاهدي کي اهم قرار ڏئي ڇڏيو.
حماس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو معاهدو فلسطيني عوام، انهن جي مزاحمت، امت مسلمه ۽ سڄي دنيا جي آزادي پسندن جي گڏيل ڪاميابي آهي ۽ اهو سندن جدوجهد جي سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي.
حماس ترجمان موجب، غزه جي صبر ۽ حوصلي واري عوام جي حمايت ۽ دفاع سندن فرض آهي، اسرائيلي جارحيت ۽ نسل ڪشي جو خاتمو پهرين ترجيح آهي.
حماس غزه جي متاثرن سان سندن حمايت ۽ يڪجهتي تي پوري دنيا جي ماڻهن جو شڪريو ادا ڪيو.
ٻئي پاسي غزه ۾ حماس ۽ ڳالهين واري ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر خليل الحيه غزه جنگ بندي معاهدي تي رد عمل ڏيندي چيو ته هو سڀني مزاحمتي گروپن جي مجاهدن کي سلام پيش ڪن ٿا، خاص طور تي القدس بريگيڊ جي مجاهدين جيڪي اسلامي جهاد جي پهرين صف جا ساٿي آهن.- Advertisement -
