تازه ترين

وريندر سھواگ ورلڊ ڪپ ۾ سيمي فائنلسٽ ٽيمن جا نالا  ٻڌائي ڇڏيا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وريندر سھواگ جو چوڻ آھي تھ جيڪڏھن مون کان ڪير پڇي تھ ورلڊ ڪپ سيمي فائنلسٽ ٽيمن جي لاءِ تھ مان آسٽريليا، انگلينڊ، پاڪستان ۽ ڀارت جا نالا کڻندس.

وريندر سھواگ چيو تھ آسٽريليا ۽ انگلينڊ جھڙي قسم جي ڪرڪيٽ کيڏي رھيون آھن منھنجي ويجھو اھي ئي ٻئي ٽيمون لازمي طور سيمي فائنل کيڏنديون.

وريندر سھواگ جو چوڻ ھو تھ ڀارتي ٽيم مضبوط آھي، ورلڊڪپ کي نظر ۾ رکندي مقامي ڪنڊيشنز بھ ڀارتي ٽيم جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي .

پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي سھواگ چيو تھ آءِ سي سي ايونٽس جي لاءِ گرين شٽرٽس پنھنجي جذبي ۽ مسلسل سٺي ڪارڪردگي سبب مضبوط ٽيم آھي، بابر اعظم جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني ٽيم ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن، ان ڪري پاڪستاني ٽيم منھنجي نظر ۾ سيمي فائنل کيڏڻ لاءِ مضبوط اميدوار آھي. واضح رھي تھ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 5 آڪٽوبر کان ڀارت ۾ شروع ٿيندو، پاڪستان ۽ ڀارت جو ٽاڪرو 14 آڪٽوبر تي احمد آباد اسٽيڊيم ۾ ٿيندو .

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
34 %
4.7kmh
41 %
آچر
27 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون