تازه ترين

وزيراعظم شهبازشريف، ن ليگ جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف، ن ليگ جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته نوازشريف کي امانت واپس ڪري رهيو آهي. ن ليگ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ پارٽيءَ جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شهبازشريف پارٽي صدارت تان استعيفيٰ ڏني. اجلاس کي خطاب ڪندي شهبازشريف چيو ته اڄوڪو ڏينهن سندس لاءِ  اطمينان جوڳو آهي،  نوازشريف سان ظلم سبب پارٽيءَ جي صدارت کيس سونپي وئي وئي. هن چيو ته پارٽي قائد نوازشريف کي هو امانت واپس ڪري رهيو آهي. شهبازشريف چيو ته نوازشريف فيصلو ڪيو هو ته پاڪستان کي ائٽمي طاقت بڻائيندو ۽ هن ڪري ڏيکاريو، پاڪ فوج سان گڏجي ملڪ مان دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪيو، ڪراچيءَ ۾ ٻيهر امن قائم ڪيو. هن چيو ته 2013ع ۾ اقتدار سنڀاليندي ئي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪري قوم کي اونداهين مان ڪڍيو، نوازشريف ئي ملڪ کي مسئلن کان ڪڍي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته نوازشريف جي قيادت ۾ ئي هو ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍندا ۽ جلد ملڪ ٻيهر ترقيءَ جي راهه تي هلندو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.4 ° C
28.4 °
28.4 °
33 %
3kmh
5 %
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون