- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هڪ هزار مريضن جي جيري جي پيوندڪاريءَ کي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي، جنهن تي هو گمس جي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي واڌايو ڏي ٿو.
پير عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز گمٽ ۾ هڪ هزار مريضن جي جيري ڪامياب پيوندڪاري مڪمل ٿيڻ تي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ افغانستان جي اٺن ورهين جي مطهره، پنجاب جي علائقي حافظ آباد سان تعلق رکندڙ 44 ورهين جو ناصر علي، جيڪب آباد واسي 56 ورهين جو محمد نواز، ڪي پي جو نوجوان سميع الله ۽ چوڏهن ورهين جي حبيب الله شرڪت ڪئي.
تقريب دوران جيري جون هڪ هزار پيونڪارين جون ڪيڪ ڪاٽيو ووي.
وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جيري جي پيوندڪاري تي 60 کان 70 لک رپيا خرچ ايندو آهي، پر سنڌ حڪومت طرفان فراهم ڪيل فنڊن سان مفت ڪيو ويندو آهي، گمس ۾ روزانو 2 ٽرانسپلانٽ ڪيا ويندا آهن، شروعاتي طور جرمن ۽ ٻين ملڪن جي ماهر سرجنن کان مدد ورتي ويندي هئي پر هاڻي جيري جي پيوندڪاري ملڪي سرجن ڪندا آهن.
تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته جيري جي هڪ هزار پيوندڪارين کي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي.
هن چيو ته پ پ چيئرمين کي خبر پئي ته گمبٽ انسٽيٽويٽ ۾ هڪ هزار مريضن جي جيري جي پيوندڪاري ڪئي وئي آهي ته کيس تمام گهڻي خوشي ٿي.
وڏي وزير چيو ته جن مريضن جي پيوندڪاري ڪئي وئي آهي انهن مان 460 جو تعلق سنڌ، 347 جو پنجاب، 141 جو بلوچستان، 36 جو ڪي پي، نون جو ڪشمير ۽ چئن مريضن جو تعلق افغانستان سان آهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته کيس ان ڳالهه تي فخر آهي ته گمبٽ انسٽيٽويٽ ۾ جيري جي پيوندڪاري مفت ٿي رهي آهي، ادارو ملڪ جي عوام لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي، سنڌ سرڪار عوامي خدمت لاءِ هر وقت ڪوششان آهي.- Advertisement -
