تازه ترين

وزيراعظم شهبازشريف هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت کي امن جو رستو اختيار ڪرڻ ۽ گڏجي ويهي معاملا حل ڪرڻ جي آڇ ڪئي

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت کي امن جو رستو اختيار ڪرڻ ۽ گڏجي ويهي معاملا حل ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن ڀارتي حڪومت والاريل ڪمشير جا حق کسيا ۽ آرٽيڪل 370 جو خاتمو ڪري والاريل واديءَ ۾ غير رياستي ماڻهن کي آباد ٿيڻ ۽ ملڪيتون خريد ڪرڻ وارو ناجائز حق ڏنو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آزاديءَ جو حق گهرندڙ ڪروڙين ڪشميرين تي 77 ورهين کان ڀارتي ظلم جاري آهي، ڪشميرين کي بنياد حق ملڻ تائين پاڪستان سندن اخلاقي مدد ڪندو رهندو. شهبازشريف چيو ته اهو ڏينهن ايندو جڏهن والاريل ڪشمير جو عوام ڀارت جي قبضي مان آزاد ٿيندو، انشاءَ الله ڪشمير مڪمل آزاد ٿيندو. وزيراعظم چيو ته بهتر رستو اِهو ئي آهي ته امن جو رستو اختيار ڪريو ۽ گڏجي ويهي تڪرار حل ڪيا وڃن، ڀارت ڪشميرين کي حق خود اراديت فراهم ڪري ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. شهبازشريف چيو ته اسرائيل طرفان غزا ۾ ٿيندڙ ظلم جو بدترين مثال آهي، فلسطينين ۽ ڪشميرين جون قربانيون هڪجهڙيون آهن جيڪي ضرور رنگ لائينديون، ايران ۾ اسماعيل هانيا کي شهيدن ڪيو ويو، جنهن تي پاڪستان ۾ سوڳ ملهايو ۽ مذمت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
few clouds
32.7 ° C
32.7 °
32.7 °
17 %
3.7kmh
21 %
اربع
30 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون