تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف، ڪرغزستان ۾ پاڪستاني سفير حسن علي ضيغم سان فون تي رابطو ڪيو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ڪرغستان مان پاڪستاني شاگردن جي واپسيءَ لاءِ خاص جهاز جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف، ڪرغزستان ۾ پاڪستاني سفير حسن علي ضيغم سان فون تي رابطو ڪيو. وزيراعظم ڪرغزستان ۾ پاڪستاني سفير کي پاڪستاني شاگردن کي واپس آڻڻ لاءِ خاص جهاز جي حوالي سان ضروري انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي خاص جهاز شام بشڪيڪ روانو ٿيندو ۽ رات 130 شاگردن کي کڻي واپس موٽندو. وزيراعظم جي هدايت تي خاص جهاز جا سمورا خرچ حڪومت ادا ڪندي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ڪرغزستان ۾ موجود سمورن پاڪستاني شاگردن ۽ سندن خاندانن سان رابطو رکيو وڃي،  زخمي پاڪستاني شاگردن کي اوليتي بنيادن تي واپس آندو وڃي. سندس چوڻ هو ته اهڙا شاگرد جن سان سندن خاندان جا ماڻهو ڪرغزستان ۾ ترسيل آهن سندن ڏيهه واپسي جا انتظام به اوليتي بنيادن تي ڪيا وڃن. پاڪستاني سفير حسن علي ضيغم، وزيراعظم شهباز شريف کي ڪرغز نائب پرڏيهي وزير آيواز بيڪ عطاخانون سان ٿيل پنهنجي ملاقات بابت آگاهه ڪيو. پاڪستاني سفير حسن علي ضيغم، وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪرغز حڪومت ٻڌايو آهي ته حالتن تي مڪمل طور ضابطو آندو ويو آهي، گذريل رات ۽ اڄ تشدد جو ڪوبه نئون واقعو پيش ناهي آيو، سڪيورٽي وڌائي وئي آهي، پاڪستاني ۽ ٻيا پرڏيهي شاگرد محفوظ آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حالتون معمول تي اچڻ باوجود جيڪڏهن ڪو پاڪستاني شاگرد واپس وطن اچڻ چاهي ٿو ته هر قسم جي سهولت فراهم ڪئي وڃي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
58 %
3.1kmh
100 %
ڇنڇر
22 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون