- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان سان ملاقات ڪري گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردگان وچ ۾ ملاقات ٿي.
ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترڪيه جي صدر جي گڏيل قومن ۾ فلسطين تي تقرير دلين کي ڇُهندڙ هئي.
هن وڌيڪ چيو ته ترڪيه جي صدر جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو به واعدو ڪيو آهي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن.- Advertisement -
