تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف طرفان امير طبقي جي 49 لک ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي هدايت

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف امير طبقي جي 49 لک ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته چئن مهينن دوران ٽيڪس ريفنڊ ۾ 800 ارب رپين جو فراڊ پڪڙيو ويو آهي، ٽيڪس ريفنڊ نظام وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايف بي آر  جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايف بي آر ۾ تبديلين ۽ ڊجيٽائيزيشن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران لينڊ روينيو ۽ ڪسٽمز ۾ سڌارن جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پهرين اپريل کان هيل تائين واپار دوست اسڪيم تحت ڏيڍ لک ريٽيلرز رجسٽرار ٿي چڪا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسڪيم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ ريٽلرز سان مشورا جاري رکيا وڃن ۽ ٽيڪس ڪيس جلد اڪلائڻ لاءِ اپيلٽ ٽربيونلز جو انگ 100 تائين وڌايو وڃي. هن هدايت ڪندي چيو ته ٽيڪس ايپليٽ ٽربيونلز جي ڪارڪردگيءَ جاچڻ لاءِ ڊيش بورڊ به تيار ڪيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سيلز ٽيڪس ريفنڊز جي ادائگي ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ايف بي آر جي فراڊ ڊٽيڪشن اينڊ انويسٽيگيشن ڊپارٽمينٽ کي مڪمل طور تي ڊجيٽائيز ڪيو وڃي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ايف بي آر جي ڊجيٽائيزيشن جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، گذريل چئن مهينن ۾ ٽيڪس ريفنڊ ۾ 800 ارب روپين جو فراڊ پڪڙيو ويو آهي، انڪري ٽيڪس ريفنڊ جو نظام وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته ايف بي آر ۾ سڌارن سان اوڳاڙين ۾ واڌ ٿي آهي، ايف بي آر جي ڪيترن ئي منصوبن ۾ غيرضروري دير افسوسناڪ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.8 ° C
30.8 °
30.8 °
29 %
1.9kmh
6 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون