- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ننڍي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ اميدوارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هـُو عوام جي خدمت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندا.
پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ننڍي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي نون چونڊيل ميمبرن جي ڪاميابي عوام جي اعتماد جو مظهر آهي، اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرڻ تي هو سندن ٿورائتا آهن.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن جي ڪاميابي معيشت جي بحالي، مهانگائي گهٽائڻ ۽ پرڏيهي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ حڪومت جي خدمتن جو عوامي اعتراف آهي، هو عوام کي يقين ڏياري ٿو ته سندن خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيند، ايمانداري ۽ محنت سان سندن اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندا.
هن وڌيڪ چيو ته کٽڻ ۽ هارائڻ چونڊ عمل جو حصو آهي، الزام تراشي بدران سياسي تعاون جو رستو اختيار ڪرڻ جمهوري رويو آهي، چونڊ عمل ۾ خاميون ۽ اعتراضن کي گڏيل سهڪار ۽ سياسي ڳالهين ذريعي ئي ختم ڪري سگهجي ٿو….- Advertisement -
