- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف قومي ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو.
نيشنل ايڪشن پلان ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ منجهند هڪ وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو.
اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت وفاقي وزير، چئني صوبن جا وڏا وزير، گورنر، چيف سڪيريٽريز ۽ آءِ جيز شرڪت ڪندا.
ذريعن موجب اجلاس ۾ چيني ورڪرن جي سيڪيورٽي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي جڏهن ته قومي سلامتي بابت اهم فيصلن جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۽ چين جي سيڙپڪارن سان ملاقاتن بابت به ايپڪس ڪميٽي کي بريفنگ ڏني ويندي.- Advertisement -
