- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف، مختلف ملڪن لاءِ نون سفيرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب عاصمه رباني فلپان ۾ پاڪستان جي نئين سفير هوندي.
ذريعن موجب رحيم حيات قريشي برسلز ۽ يورپي يونين ۾ نئون سفير مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب عبدالحميد ڀٽا کي جاپان ۽ نجيب دراني کي گهانا ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو ويو.
اهڙي ريت زاهد حفيظ چوڌري انڊونيشيا، معظم شاهه ڏکڻ ڪوريا، ملڪ فاروق ڏکڻ آفريڪا، شهباز کوکر بيروت، عادل گيلاني مراڪش، طارق ڪريم ۽ اقصيٰ نواز به آفريڪي ملڪن ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب سيد حيدر شاهه نيڌرلينڊ، عامر شوڪت مصر، مرغوب سليم بٽ سوئٽزلينڊ ۾ نوان پاڪستاني سفير هوندا، جڏهن ته زمان مهدي شڪاگو ۽ واجد هاشمي کي ميلبورن جو سفير مقرر ڪيو ويو.
ذريعن موجب امتياز گوندل کي مانچسٽر، شهريار اڪبر کي چيڪ ري پبلڪن ۾ پاڪستان جو نئون سفير مقرر ڪيو ويو آهي…- Advertisement -
