- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ مهانگي طبي تعليم ۽ معيار جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، ڪميٽي ميڊيڪل جي تعليم لاءِ شاگردن جي پرڏيهه وڃڻ جا سبب معلوم ڪندي خانگي ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي معيار، پيش ايندڙ چيلينجن توڙي سيٽن جي گهٽتائي جو جائزو وٺي تجويزون پيش ڪندي.
پاڪستان ۾ طبي تعليم تي ڪروڙين رپيا خرچ ۽ شاگردن جي پرڏيهه پڙهڻ جي رجحان جو وزيراعظم شهباز شريف نوٽيس ورتو.
وزيراعظم تعليم جي خرچ، معيار جي جاچ لاءِ 25 رڪني ڪميٽي قائم ڪندي 10 ڏينهن ۾ سفارشون طلب ڪري ورتيون.
وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ ميڊيڪل جي غير معياري تعليم ۽ ڳري في جو نوٽيس وٺندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ 25 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.
ڪميٽي ۾ قانون، اقتصادي معاملن وارو وزير، حڪومتي ۽ مخالف ڌر جا ميمبر، وائيس چانسلر، تعليم، صحت، رٿابندي ۽ ناڻي جا اعليٰ آفيسر شامل هوندا.
ڪميٽي غير تصديق ٿيل پرڏيهي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن جي داخل تي غور ۽ پرڏيهي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخل بابت پاليسي تجويز ڪندي- Advertisement -
