- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو، ڪابينا ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺندي.
وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس اڄ صبح 11 وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو، اجلاس جي صدارت وزيراعظم شهباز شريف ڪندو.
ڪابينا ڪڻڪ ٻاهران گھرائڻ واري اسڪينڊل جي جاچ ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺندي.
اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو، ان کان علاوه اي سي سي جي فيصلن جي منظوري به ڏني ويندي.
ٻئي طرف صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته جاچ ڪميٽي خراب ڪڻڪ گھرائڻ تي هڪ جامع رپورٽ پيش ڪندي، ناقص ۽ غير معياري ڪڻڪ جي درآمد ۾ ڪير ملوث آهي، ان جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي.- Advertisement -
