- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ملائشيا پهچي ويو.
وزيراعظم شهباز شريف سرڪاري دوري تي ڪوالالمپور پهتو، بنگارايا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ملائيشيا جي اطلاعات واري وزير، پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سيد احسن رضا ۽ سفارتي عملي آجيان ڪئي.
وزيراعظم جي رهائشگاهه پهچڻ وقت ملائيشيا جي وزيرعظم انور ابراهيم سندس استقبال ڪيو.
وزيراعظم پنهنجي دوري دوران ملائيشيا جي وزيراعظم سان ملاقات ڪندو جڏهن ته وفدن جي سطح تي به ڳالهيون ٿينديون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمتي ياد داشتن تي صحيحون ٿينديون.
ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته ملائيشيا پهچڻ تي کيس تمام گھڻي خوشي ٿي رهي آهي .
سندس چوڻ آهي ته هو زيراعظم انور ابراهيم ۽ سندس ٽيم سان تعميري ملاقات جو منتظر آهي.- Advertisement -
