- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڪسٽمز اختيارين جي گاڏي تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ سمگلنگ جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.
وزيراعظم شهباز شريف ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڪسٽمز اختيارين جي گاڏي تي حملي ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن جي مغفرت ۽ سندن وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
وزيراعظم چيو ته شهيدن جي خاندان جي ذميواري هاڻي حڪومت جي آهي، پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ دوران وطن تي جان قربان ڪندڙ شهيد زنده آهن.
شهباز شريف چيو ته دهشتگردي ۽ سمگلنگ جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي، اهڙي طرح جون بزدلاڻيون ڪارروايون حڪومت جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن.
وزيراعظم شهباز شريف فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين کي حملي ۾ شهيد ٿيل ڪسٽمز اهلڪارن جي خاندان لاءِ شهيد پيڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.- Advertisement -
