- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ۽ اردن بادشاهه عبدالله وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ معاشي، واپاري، سيڙپڪاري، صحت تعليم ۽ دفاعي سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌائڻ جو عزم ٻيهر ورجايو ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.
بادشاهه عبدالله، غزه جي تڪرار ۽ جنگ کان پوءِ استحڪام جي ڪوششن ۾ اردن جي ڪردار لاءِ پاڪستان جي حمايت جي ساراهه ڪئي، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن غزه بابت پاڪستان ۽ اردن جي اصولي موقف کي اجاگر ڪيو.
ٻنهي اڳواڻن غزه امن معاهدي جي حوالي سان 8 عرب اسلامي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف بادشاهه عبدالله کي افغانستان ۽ ڀارت سان لاڳاپيل معاملن بابت پڻ آگاهه ڪيو.
بادشاهه عبدالله علائقي ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي تسليم ڪيو.
ان کان پوءِ پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، جن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ اردن جي بادشاهه عبدالله شرڪت ڪئي…..
- Advertisement -
