- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف 19 رڪني وفاقي ڪابينا جي مقرري لاءِ نالا صدر آصف علي زرداري کي اماڻي ڇڏيا.
وزيراعظم شهباز شريف 15 وفاقي وزيرن، هڪ ممڪلتي وزير ۽ ٽن صلاحڪارن جا نالا صدر کي اماڻيا.
خواجه آصف، احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ، چوڌري سالڪ حسين، اسحاق ڊار، مصدق ملڪ، راڻا تنوير، عليم خان ۽ امير مقام کي به وزير بڻائڻ لاءِ نالا اماڻيا ويا آهن.
عطا تارڙ، اويس لغاري، خالد مقبول صديقي، قيصر احمد شيخ ۽ رياض پيرزاده جا نالا به وفاقي وزير لاءِ تجويز ڪيا ويا آهن.
شزا فاطما کي ممڪلتي وزير بڻائڻ، محسن نقوي، محمد اورنگزيب ۽ احد چيما کي صلاحڪار مقرر ڪرڻ لاءِ نالا صدر کي اماڻيا ويا.- Advertisement -
