- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سرا روگا ۾ 13 دهشتگردن جي مارجڻ تي سڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
وزيراعظم چيو ته انساني دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي اهڙيءَ ئي طرح ناڪام بڻايو ويندو، قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن تي فخر آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن خلاف جنگ جاري رهندي.
ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سڪيورٽي فورسز کي ساراهيو آهي.
گهرو وزير محسن نقوي سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 13 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز بروقت آپريشن ڪري خارجي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
هن چيو ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، قوم کي بهادر سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي، پاڪستاني عوام سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي- Advertisement -
