تازه ترين

وزيراعلى علي امين گنڊاپور جي استعيفى منظور نه ٿي سگھي، خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي علي امين گنڊاپور جي استعيفى اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي

- Advertisement -
وزيراعلى علي امين گنڊاپور جي استعيفى منظور نه ٿي سگھي، خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي علي امين گنڊاپور جي استعيفى اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي. گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي وڏي وزير جي صحيح تي اعتراض لڳائي استعيفى واپس ڪئي. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي طرفان لکيل خط ۾ علي امين جي ٻنهي استعيفائن تي صحيح کي مختلف قرار ڏنو. گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي استعيفى جي تصديق لاءِ وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي 15 آڪٽوبر تي منجهند ٽئين وڳي گورنر هائوس اچڻ جي هدايت ڪئي آهي. واضع رهي ته خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ اڄ نئين قائد ايوان جي چونڊ ٿيندي، جنهن لاءِ 4 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيا آهن. انهن اميدوارن ۾ پي ٽي آءِ جو سهيل آفريدي، جي يو آءِ جو مولانا لطف الرحمان، پ پ جو ارباب زرڪ ۽ مسلم ليگ ن جو سردار شاهه جهان شامل آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
28 %
1.1kmh
0 %
آچر
25 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون