تازه ترين

وفاقي بجيٽ جي منظوري جي حڪمت عملي لاءِ مسلم ليگ نون جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب

- Advertisement -
وفاقي بجيٽ 25-2024ع قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ٿي رهي آهي جڏهن ته بجيٽ جي منظوري جي حڪمت عملي لاءِ مسلم ليگ نون جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس هڪ وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ نون جي صدر نواز شريف جي شرڪت جو به امڪان آهي. اجلاس ۾ ن ليگ جي ميمبرن کي ايوان ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون وينديون. ميمبرن جي بجيٽ بابت آگاهه ڪيو ويندو. مخالف ڌر جي احتجاج جي صورت ۾ جوابي حڪمت عملي به طئي ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
12 %
6.5kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
36 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون