- Advertisement -
وفاقي حڪومت، اپوزيشن ۽ پيپلزپارٽي ۾ معاملا طئي ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمينن جي چونڊ شروع ٿي وئي آهي، پهرين ڏينهن 6 ڪميٽين جا سربراهه اتفاق راءِ سان چونڊيا ويا، 5 پميٽين جي سربراهي پيپلز پارٽي ۽ هڪ جي باپ کي ملي آهي.
چيئرمينن جي چونڊ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيا، قانونسازي جي اسپيشل سيڪريٽري محمد مشتاق چونڊن جي عمل جي نگراني ڪئي.
قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جي سربراهي پيپلز پارٽي جي حنا رباني کر حوالي ڪئي وئي، اتفاق راءِ سان سندس چونڊ ڪئي وئي.
پ پ جو سيد نويد قمر کي اتفاق راءِ سان قومي اسيمبلي جي ناڻي ۽ روينيو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو.
اعجاز جکراڻي اتفاق راءِ سان مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو.
جڏهن ته پيپلز پارٽي جي عبدالقادر پٽيل کي اتفاق راءِ سان سامونڊي معاملن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو.
مهيش ڪمار ملاڻي کي قومي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي خالد مگسي کي اتفاق راءِ سان پاڻي جي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو….- Advertisement -
