تازه ترين

وفاقي گهرو وزير جي سعودي سفير سان ملاقات

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير، سعودي سفير سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ سعودي عرب جي سفارتخاني جو دورو ڪيو، جتي سعودي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سندس آڌرڀاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ سعودي لاڳاپيل کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سعودي عرب ويندڙ پيشواراڻي فقيرن خلاف ڀرپور ڪارروائي جي خاطري ڪرائي ۽ ايف آءِ اي کي فقيرن کي سعودي عرب اماڻڻ ۾ ملوث مافيا خلاف به سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته هي مافيا پاڪستان جي ساک کي خراب ڪري رهي آهي، سعودي عرب سندن لاءِ عقيدت ۽ احترام جو محور آهي، سعودي عرب هميشه ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. ان موقعي تي سعودي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي جو چوڻ هو ته پاڪستان سان ڀائرن جهڙا لاڳاپا آهن………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
42 %
2.2kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون