- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر سان رابطو ڪري کيس ڌرڻي يا ريلي جي اجازت نه ڏيڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر سان فون تي رابطو ڪري اسلام هائيڪورٽ جي حڪم کانپوءِ جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي ٻڌايو ته هو عدالتي حڪم جا پابند آهيون، هو ڪنهن جلوس، ريلي يا ڌرڻي جي اجازت نه ڏيندا.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته بيلاروس جو اعليٰ سطحي وفد سڀاڻي اسلام آباد پهچي رهيو آهي، جڏهن ته بيلاروس جو صدر 25 نومبر تي پاڪستان ايندو، بيلا روس جو وفد 27 نومبر تائين اسلام آباد ۾ ترسندو.
تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته پارٽي سان صلاح مشورو ڪري جواب کان آگاهه ڪيو ويندو- Advertisement -
