تازه ترين

وفاق ۽ صوبن کي گڏجي زراعت جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو: وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته زرعي شين جي ويليو ايڊيشن تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو، پاڪستان جون زرعي شيون ٻاهر موڪلڻ 3 ارب ڊالر تائين پهچي ويون آهن، ايندڙ سال زرعي شيون ٻاهر اماڻڻ جو هدف 7 ارب ڊالر هئڻ گهرجي، 7 ارب ڊالر جو هدف ڏکيو ضرور آهي، ناممڪن ناهي، ارشد نديم کي پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي واڌيون ڏيون ٿا، چاليهه سالن بعد پاڪستان اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، ڪرڪيٽ ۽ هاڪي سميت ٻين راندين ۾ به ڪاميابيون حاصل ڪرڻيون آهن. ڪراچي ۾ ٻئي عالمي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر نمائش جي افتتاحي تقريب ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ زرعي شعبي ۾ بهترين شيون ٻاهر موڪليندڙن ۾ ايوارڊ ورهايا. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته زرعي شين جي ويليو ايڊيشن تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو، پاڪستان جون زرعي شيون ٻاهر موڪلڻ 3 ارب ڊالر تائين پهچي ويون آهن، ايندڙ سال زرعي شيون ٻاهر اماڻڻ جو هدف 7 ارب ڊالر هئڻ گهرجي، 7 ارب ڊالر جو هدف ڏکيو ضرور آهي، ناممڪن ناهي. سندس چوڻ هو ته نار ملڪن ۾ پاڪستان جي زرعي شين جي اماڻڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، ملڪ ۾ زرعي جنسن جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ زرعي پيداوار ۾ اضافي لاءِ ڪيترائي موقعا آهن، جديد ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ ترقي ذريعي شيون ٻاهر اماڻڻ ۾ اضافو ممڪن آهي، وفاق ۽ صوبن کي گڏجي زرعي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته هر سال هڪ هزار گريجوئيٽس کي زرعي تربيت لاءِ چين اماڻيو ويندو، کين زرعي شين جي ويليو ايڊيشن تي ڌيان ڏيڻو پوندو. شهباز شريف چيو ته  ارشد نديم کي پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي واڌيون ڏيون ٿا، چاليهه سالن بعد پاڪستان اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، ڪرڪيٽ ۽ هاڪي سميت ٻين راندين ۾ به ڪاميابيون حاصل ڪرڻيون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
42 %
2.2kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون